اليڪشن ڪميشن جي ٻن نون ميمبرن حلف کڻي ورتو

اليڪشن ڪميشن جي ٻن نون ميمبرن حلف کڻي ورتو

اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ٻن نون ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي.اسلام آباد ۾ هيڊ آفيس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن حلف کنيو جتي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نون ميمبرن کان حلف ورتو.اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۾ بابر حسن ڀريوانا پنجاب ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان خيبرپختونخواهه جي ميمبر طور حلف کنيو.نون ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته صدر ٻنهي ميمبرن جي مقرري ڪئي آهي ۽ سمورن صوبن مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري مڪمل ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو