اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل غلط ۽ غير منصفاڻو آهي.لاهور ۾ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل پي ٽي آءِ جو رستو روڪڻ جي بزدلاڻي ڪوشش آهي.عمر ايوب جو چوڻ آهي ته هو ان عمل کي هر هنڌ چئلينج ڪندا. هن چيو ته ملڪ ۾ نيون چونڊون اسان جو واحد مطالبو آهي.










