اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان وطن واپس آيو آهيان.پاڪستان پهچڻ تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته هو پاڪستان کي جنهن وهنوار ۾ ڦاٿل آهي ان مان نڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.هن چيو ته پارٽي قائد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وزير جي ذميواري ڏني آهي.اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته هو وفاقي وزير جي حيثيت سان پاڪستان کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو.هن چيو ته ملڪ کي 1998ع ۽ 2013ع ۾ به معاشي بحران مان ڪڍيو ويو.










