اقليتي وزير پاران پارسي ڪالوني جو دورو،منصوبي جو افتتاح

اقليتي وزير پاران پارسي ڪالوني جو دورو،منصوبي جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اقليتي معاملن کاتي واري صوبائي وزير گيان چند ايسراڻي چنيسر ڳوٺ جي ويجهو پارسي ڪالوني جو دورو ڪيو ان موقعي تي سيڪريٽري مينارٽي افيئرز شارق احمد ۽ ڊائريڪٽر اقليتي معاملا سنڌ ساڻس گڏ هئا. پارسي ڪميونٽي پاران يشناء پٽيل، روني پٽيل ۽ ٻين صوبائي وزير جو خير مقدم ڪيو بعد ۾ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي پيورس بلاڪ جي تعمير ۽ سائرس هال جي مرمت ۽ بحالي جي ڪم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي گيانچند ايسراڻي چيو ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت پنهنجي پنجن سالن جي دور اقتدار ۾ اقليتي برادري جي بنا ڪنهن فرق خدمت ڪئي آهي ۽ صوبي جي هر ضلعي ۾ مندر، گرجا گهرن، درگاهن لاءِ ضرورت جي موجب ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پنهنجي ڪارڪردگي جي بدولت ئي اچڻ وارن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي موجب برابر حق حاصل آهن. آخر ۾ صوبائي وزير ملڪ جي ترقي خوشحالي ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت جي وڏي عمر لاءِ خاص دعا پڻ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو