افغانستان، مرد محرم کانسواءِ عورتن جي فضائي سفر تي پابندي

افغانستان، مرد محرم کانسواءِ عورتن جي فضائي سفر تي پابندي

ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۾ طالبان عورتن جي مرد محرم کان سواءِ جهاز ۾ سوار ٿيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.  خابرو ادارن موجب طالبان ڪيترن ئي عورتن کي اڏامن ۾ سوار ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جن مان ڪيتريون ئي ڪئناڊا وڃڻ چاهين ٿيون پر انهن کي مرد سرپرستن کان سواءِ سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ ايئرپورٽ تان کين واپس ڪري ڇڏيو. اختيارين پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي هڪ پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري کي ٻڌايو ته طالبان جي حڪم تي جمعي تي ڪابل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گهريلو ۽ بين الاقوامي پروازن ۾ سوار ڪافي تعداد ۾ عورتن کي مرد محرمن کان سواءِ سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو. آفيسر موجب جن عورتن کي سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو انهن ۾ ٻٽي شهريت واريون عورتون به شامل آهن، جن کي خام ايئر ۽ آريانا ايئر تي دبئي، اسلام آباد ۽ ترڪي وڃڻ کان روڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو