افغانستان ۾ ڊرون حملا، 35 طالبان سميت 75 شهري مارجي ويا

افغانستان ۾ ڊرون حملا، 35 طالبان سميت 75 شهري مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر هرات ۾ آمريڪي ڊرون حملن ۾ 35 طالبان ۽ 40 شهري مارجي ويا آهن. افغان خابرو اداري مطابق افغانستان جي شهر هرات ۾ آمريڪي ڊرون حملا 4 گهرن تي ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 75 ماڻهو مارجي ويا مارجي ويلن ۾ 35 طالبان ۽ 40 شهري شامل آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن. افغانستان جي مقامي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڊرون حملن ۾ طالبان ڪمانڊر ملا ننگيالي به مارجي ويو آهي. رپورٽ مطابق حڪومت جي ڪنٽرول هيٺ آبادي رکندڙ علائقن کي ڊرون ذريعي نشانو بڻايو ويو پر حڪومت طرفان هن مهل تائين ڪنهن جي مارجڻ جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي. اسپتالي ذريعن مطابق ڊرون حملن جي نتيجي ۾ 10 زخمي ٿيندڙن کي مقامي اسپتال آندو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو