اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي انفرا اسٽرڪچر (بنيادي ڍانچي) تي حملن بابت ڀارت جي بي بنياد ۽ مضحڪه خيز (مذاق جوڳي) بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀارت پاڪستان خلاف افغان سرزمين تان دهشتگرد گروهن جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پابندين واري نظام جي ڀڃڪڙي پڻ ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي سوشل ميڊيا پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان خلاف بي بنياد ۽ مضحڪه خيز بيان اهو ملڪ ڏئي رهيو آهي جيڪو پاڻ والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي حقِ خوداراديت کي دٻائي رهيو آهي، ڀارت جو رويو گڏيل قومن جي چارٽر جي به ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارت مسلسل علائقائي امن ۾ رڪاوٽون وجهڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان پنهنجن شهرين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب قدم کڻندو رهيو آهي ۽ کڻندو، ڀارت جو رويو گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي.










