اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف افغانستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پڪستان پنهنجي پاريسري ملڪ کي انساني بنياد تي امداد موڪلي رهيو آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف افغان عبوري حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري افغانستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. شهباز شريف چيو آهي ته او آءِ سي افغان هيومنٽيرين ٽرسٽ جي فورم ذريعي متاثر افغان عوام جي مدد لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن چيو ته ٻوڏ افغانستان ۾ اڳ ۾ ئي جاري انساني بحران کي وڌائي سگهي ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بروقت قدم نه کنيا ويا ته جاني نقصان وڌڻ جو خدشو آهي، هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو بي گهر ماڻهن کي خوراڪ، طبي امداد ۽ پناهه ڏيڻ لاءِ هڪ پروگرام شروع ڪري.










