اغوا ٿيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

اغوا ٿيل نوجوانن جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه تي حملن کي فوري طور تي گهٽتائي ڪري ۽ ڇڪتاڻ ختم ڪري. وائيٽ هائوس مطابق آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو ۾ ٽيليفون تي گفتگو ٿي جنهن ۾ آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته هو غزه تي حملن کي فوري طور تي گهٽائي ۽ ڇڪتاڻ کي ختم ڪري. اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته نتن ياهو بائيڊن کي ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ تيستائين جاري رهندي جيستائين مقصد حاصل نه ڪيا ويا. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي وڊيو بيان ۾ اعلان ڪيو ته هو حماس خلاف پنهنجا حملا جاري رکندو. اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس جي 100 ڪلوميٽر سرنگون تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي ، جنهن ۾ 242 ماڻهو مارجي ويا ۽ 1500 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو