غوثپور (ن س)غوثپور۔ چار ڏينهن اڳ جمال ڍوري واري علائقي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل نجي ٽي وي جي ڪيمرا مين سڄڻ ميراڻي الله ڏنو۔ حاجي خدابخش. ٽانوري. نوردين بھلڪاڻي کي ڪشمور ضلعي جي پوليس هن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي سڄڻ ميراڻي جي امڙ مسمات سورغ خاتون ۽ ماسي مجيدا خاتون ڌاڙيلن کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيندي نير واهئيندي پنهنجي پياري ٻچڙي کي آزاد ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ان موقعي تي مغوي سڄڻ ميراڻي جي پيرسن امڙ ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته اسانجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي روز مزدوري ڪري گهر جو سفر گذر ڪندا آهيون ڏوهارين اسانجي ٻچڙي کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ۾ باندي بڻائي رکيو آهي اسانجي گهر ۾ ڪمائڻ وارو هڪ ئي فرد هو جيڪو ڏوهارين وٽ يرغمال بڻيل آهي جنهن سبب بکون ڪٽڻ تي مجبور آهيون وڌيڪ مغوي جي امڙ ايس ايس پي ڪشمور عرفان سمون توڙي ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي سڄڻ ميراڻي ۽ سندن جي دوستن کي ڏوهارين جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي.










