ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي سنڌ ۾ ڪاشف گلزار شيخ جي حڪومتِ سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات طور مقرري جي موقعي تي هڪ تعارفي اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس دوران سيڪريٽري اطلاعات کي کاتي جي مجموعي ڪارڪردگي، جاري منصوبن ۽ مختلف ڊائريڪٽوريٽن جي معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ کاتي جي مختلف ڊائريڪٽوريٽن جي ڊائريڪٽرن سان الڳ الڳ ملاقات ڪئي ۽ انهن جي نگراني هيٺ سرانجام ڏنل معاملن ۽ پيشيوراڻي ذميوارين بابت تفصيلي خيال جي ڏي وٺ ڪئي. سيڪريٽري اطلاعات ڪاشف گلزار شيخ چيو ته اطلاعات کاتي جو بنيادي فرض سنڌ حڪومت جي ترقياتي منصوبن، عوامي ڀلائي جي قدمن ۽ پاليسين کي مؤثر نموني عوام تائين پهچائڻ آهي، ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت خلاف ناڪاري پروپيگنڊا کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته عوام کي حڪومتي فلاحي منصوبن ۽ ترقياتي قدمن بابت وقت سر ۽ صحيح معلومات فراهم ڪئي وڃي. ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا موجوده وسيلا ڪتب آندا ويندا. ڪاشف گلزار شيخ چيو ته اطلاعات کاتي سنڌ کي ٻين سرڪاري کاتن ۾ هڪ نمايان ۽ مؤثر حيثيت حاصل آهي ۽ هي کاتو حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. هن سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون سٺي نموني، ايمانداري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن سان سرانجام ڏين، ڇاڪاڻ ته فرضن جي ادائيگي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز ڊاڪٽر معيزالدين پيرزادو، ڊائريڪٽر اشتهارات محمد يوسف ڪابورو، ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميڊيا عزيز احمد هَڪڙو، ڊائريڪٽر فلمز حزب الله ميمڻ، ڊائريڪٽر پبليڪيشنز امتياز علي جويو، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن اينڊ اڪائونٽس طارق امام، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن عبدالماجد خان، ڊائريڪٽر پريس غلام سرور سميجو، ڊائريڪٽر ليگل فدا بالادي، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ محمد عمران، ڊائريڪٽر آر اينڊ آر محمد ڪامران، ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد صابر ڪاڪا، سيڪشن آفيسر محمد نذير، سيڪشن آفيسر ماريه، سيڪشن آفيسر ڪوآرڊينيشن عبدالحئي قاضي ۽ انفارميشن آفيسر محمد فيصل ملڪ پڻ موجود هئا.










