اسڪول مان سامان چوري،ڪا اڳڀرائي نه ٿي،احتجاج

اسڪول مان سامان چوري،ڪا اڳڀرائي نه ٿي،احتجاج

سڳيون(ن س )سڳيون ڀرسان 2 ڏينهن اڳ سڳيون جي سينيئر صحافي مظهر نعمت علي منڱڻيجو جي مظهر ماڊل اسڪول مان ٿيل چوري جي ھنڱورجا پوليس پاران ڪا به اڳڀرائي نه ڪرڻ خلاف صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن جو سيال اسٽاپ سڳيون وٽ احتجاجي مظاھرو ڌرڻو پوليس خلاف سخت نعريبازي گذريل 2 ڏينهن اڳ مظهر ماڊل اسڪول جا نامعلوم چور 2 ڏينهن اڳ مين گيٽ جا تالا ٽوڙي اسڪول مان 2 سولر پليٽون, 2 پکا, ھڪ بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جنهن جو اطلاع حد جي پوليس ھنڱورجا ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود ھنڱورجا پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي صحافي جي ٿيل چوري واقعي کي 2 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود پوليس ڪا به جاچ شروع نه ڪئي اھڙي عمل خلاف سڳيون جي صحافين نيشنل پريس ڪلب سڳيون جي صدر گلاب علي سيال, محرم خان منڱڻيجو , سيد آغا سجاد حسين شاھ, مظهر نعمت علي منڱڻيجو, عتيق الرحمان متو, جيئي سنڌ پورھيت سنگت جي تعلقه اڳواڻ ڪامريڊ غلام قادر چنا, بلاول الدين منڱڻيجو, عمران جمالي, نياز منڱڻيجو سميت ٻين سياسي توڙي سماجي ڌرين جي ماڻهن سڳيون جي سيال اسٽاپ وٽ احتجاجي مظاھرو ڪري احتجاجي مظاھرو ڪندي نيشنل پريس ڪلب سڳيون جي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته 2 ڏينهن اڳ رات جو دير سان نامعلوم چور مظهر ماڊل ايليمينٽري اسڪول جا تالا ٽوڙي اسڪول مان چوري ڪري فرار ٿي ويا ھڪ تعليمي اداري مان ٿيل چوري جي ھنڱورجا پوليس ڪا به جاچ نه پئي ڪري جيڪا سراسر ھنڱورجا پوليس جي نااھلي آهي ۽ تعليمي ادارن سان زيادتي آهي ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نا اھل ھنڱورجا ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ھٽائي فرض شناس ايس ايڇ او مقرر ڪري اسڪول مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو