ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام سبب معيشت بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، روپئي جي قدر ۾ لڳاتار گهٽتائي، ۽ ڊالر مهانگو ٿيڻ سبب عروج تي پهتل مهانگائي آسمان تي پچي وئي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 100 انڊيڪس 324 پوائنٽس گهٽتائي اچڻ بعد خميس تي مارڪيٽ 43 هزار 786 پوائنٽ تي بند ٿيو آهي. سيڙپڪارن جا اربين روپيا ٻڏي ويا آهن. خميس تي 14 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو جن جي ماليت 4 ارب 94 ڪروڙ روپيا آهي. ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ 39 ارب روپين جي لاٿ آئي آهي. هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 190 روپيا کان مٿي چڙهي ويو آهي. رڳوي اپريل جي مهيني ۾ تقريبن 11 روپيا هڪ ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ هنگامي اپائن طور واج جي شرح ۾ اڍائي سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن بعد وياج جي شرح سوا 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ اڳ ۾ وياج جي شرح ۾ واڌ ڪندي ان کي ڊبل ڊجٽ ۾ يعني پوڻا 10 روپين تائين پهچايو هو. وياج جي شرح ۾ واڌ سبب ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ۾ آيل بوم آهستي ٿي ويندو ۽ مجموعي طور معاشي سرگرميون بري طرح متاثر ٿينديون.










