اسٽيبلشمينٽ جو ڪلهو استعمال ڪرڻ جي ڳالهه بي بنياد آهي

اسٽيبلشمينٽ جو ڪلهو استعمال ڪرڻ جي ڳالهه بي بنياد آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح ڪيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو ڪلهو استعمال ڪرڻ جي ڳالهه بي بنياد آهي. جيڪو ڪجهه ماضي ۾ ٿيو سڀ ان کان آگاهه آهن. لاڏلو نواز شريف ناهي ڪو ئي ٻيو رهيو آهي. اسان کان شير جو نشان کسيو ويو، بيٽ کسي وئي ته ان جا قصور وار اسان ناهيون، پي ٽي آءِ دور ۾ سخت مهانگائي جو طوفان آيو، آءِ ايم ايف جي معاهدي کي ٽوڙيو ويو، سفارتي لاڳاپا مجروح ٿيا، سابق نثار جيڪو مهرو هو ان جي ذريعي نواز شريف حڪومت جو تختو نه اونڌو ڪيو وڃي ها ته اڄ پاڪستان سخت معاشي چئلينجز ۾ ڦاٿل نه هجي ها. اسان نفرت کي ختم ڪري قوم کي گڏ ڪنداسين. گڏجي محنت ڪري ملڪ کي پيرن تي يبيهارينداسي، ملڪي ترقي لاءِ چارٽر آف اڪانامي ڪرڻو پوندو، ايندڙ چونڊون پاڪستان جي قسمت جو فيصلو ڪنديون. 8 فيبروري تي عوام پنهنجي ووٽن سان فيصلو ڪندو ته پاڪستان جو مستقبل ڪٿي بيهندو، عوام ماضي ۾ جهاتي پائيندو ۽ مستقبل جو نقشو ڇڪيندو ۽ ان جو فيصلو قبول جوڳو هوندو، ملڪ جي ترقي هڪ چئلينج آهي، 8 فيبروري جي سفر کي جنهن کي 2017ع ۾ ختم ڪيو ان کي ٻيهر شروع ڪنداسين هڪ ڏينهن ايندو جڏهن ڪستو ٽٽندو اسان رخ درست ٿيندو نفرت ڦهلائڻ بدران محبتون ورهايو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ن ليگ بيٽ رپورٽز ۽ سينيئر صحافين سان ملاقات ڪندي ڪيو. شهباز شريف چيو ته اليڪشن مٿان آهي، 8 فيبروري تي عوام پنهنجي ووٽن سان فيصلو ڪندو. ملڪ 25 ڪروڙ عوام خوشحالي ۽ ترقي لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندو. ن ليگ چونڊ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ۽ منهنجي نظر ۾ هي اليڪشن پاڪستان جي قسمت جو فيصلو ڪندي، نواز شريف لوڊشيشنگ ختم ڪئي، دهشتگردي ختم ڪئي، نواز شريف جي دور ۾ زراعت، صعنت ترقي ڪئي. هن چيو ته اڄ نوجوان نسل ئي ملڪ کي ترقي جي دڳ تي آڻي سگهي ٿو. اسڪول جي سطح تي اٺين يا نائين درجي لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ ڏ0ينداسين. هن چيوته زراعت پاڪسان جو ڪرنگهو آهي. بدقسمتي سانقيام پاڪستان جي وقت زراعت تي ڪم ٿيو پر هاڻي ڪجهه ناهي رهيو. ڪڻڪ ۽ ڪمند جي فصل لاءِ دنيا جديد ٽيڪنالوجي اختيار ڪئي ۽ 4-4 فصل هڪ سال کنيا،

پهنجو تبصرو موڪليو