ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروبار دوران هاڪاري (مثبت) رجحان ڏٺو ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 1800 کان وڌيڪ پوائنٽس جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 1 لک 83 هزار 477 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو.واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس 369 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 1 لک 81 هزار 259 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.










