ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ شديد مندي بعد هنگامي طور ڪاروبار معطل ڪيو ويو آهي. سومر تي هڪ ڏينهن ۾ 8687.69 پوائنٽ ڪري پئي ۽ 11103.98 تي پهچي وئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران دنيا جي 100 کان وڌيڪ ملڪن تي ٽيرف لاڳو ڪيو ويو هو جنهن بعد گذريل هفتي کان دنيا ڀر جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ لاٿ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ آمريڪا سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ کربين ڊالر سيڙپڪارن جا ٻڏي ويا آهن. سعودي عرب ۾ گذريل ڏينهن 500 ارب ريال ٻڏي ويا هئا. گذريل هفتي پاڪستان ۾ ڪجهه بهتري هئي پر سومر تي اسٽاڪ مارڪيٽ 1700 پوائنٽ جي گهٽتائي سان شروع ٿيو ۽ انڊيڪس لڳاتار ڪرندي رهي. رول بڪ مطابق هڪ ڏينهن ۾ 5 سيڪڙو لاٿ يا واڌ جي صورت ۾ ڪاروبار عارضي طور معطل ڪيو ويندو آهي. سومر تي پاڪستان استاڪ ايڪسچينج ۾ رجسٽرڊ ڪل 431 ڪمپنين مان 380 ڪمپنين جا شيئر زوال پذير رهيا، 10 ڪمپنين جي اگهه ۾ ڪا تبديلي نه ٿي ۽ 41 ڪمپنين جي شيئرز م واڌ رڪارد ٿي ته منجهند 11.58.45 وڳي هنگامي طور تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار معطل ڪيو ويو. رولز موجب اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وري 01.03.45 وڳي ڪاروبار بحال ٿيندو. هڪ وڳي بعد مارڪيٽ ٻيهر کلي ته اڃا وڌيڪ مندي جو شڪار ٿي ۽ بعد ۾ ڪريڪشن آئي. جنهن بعد 3882.18 پوائنٽس جي لاٿ بعد 114909.48 پوائنٽ تي بند ٿيو. دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، جاپان جو Nikkei 225 انڊيڪس 7.8 سيڪڙو، آسٽريليا جو ASX 200 انڊيڪس 4.2 سيڪڙو ۽ ڏکڻ ڪوريا جو Kospi انڊيڪس 5.6 سيڪڙو گهٽتائيءَ تي بند ٿيو. جڏهن ته چين، هانگ ڪانگ ۽ تائيوان جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به اهڙي ئي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. شنگھائي ڪمپوزٽ مارڪيٽ 7.3 سيڪڙو ۽ تائيوان ويٽيڊ انڊيڪس 9.7 سيڪڙو گهٽجي بند ٿيا. لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج گروپ جي ذيلي اداري ‘ايف ٽي ايل اي رسل’ سان لاڳاپيل تجزيي نگار جوليا لي جو چوڻ آهي ته ‘ٽيرف، مهانگائي ۽ اقتصادي سست رفتاريءَ بابت خدشا حقيقت بڻجي رهيا آهن.’ ‘گولڊمين سيڪس’ هاڻي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 12 مهينن ۾ آمريڪا جي اقتصادي سست رفتاريءَ جو امڪان 45 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ان جي اڳئين اڳڪٿيءَ ۾ هي امڪان 35 سيڪڙو هو.










