اسٽاڪ مارڪيٽ 1,600 پوائنٽن جي  واڌ، ڊالر به سستو

اسٽاڪ مارڪيٽ 1,600 پوائنٽن جي واڌ، ڊالر به سستو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ملڪ جي سياسي صورتحال سبب شروع ٿيندڙ معاشي بدحالي هاڻي گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪي آهي ۽ وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به مثبت رجحان ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ واپار جي شروعات کان وٺي مثبت رجحان ڏٺو ويو آهي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس ۾ 1600 پوائنٽس کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي. 100 انڊيڪس 3.61 سيڪڙو کان وڌيڪ وڌي ويو ۽ مارڪيٽ 46000 پوائنٽس پار ڪري 500 ملين شيئرز جو واپار ٿيو. ئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 1 رپيا 98 پئسا گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ ڊالر 183 رپين کان به هيٺ اچي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو