اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ منفي رجحان

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ منفي رجحان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)هن ڀيري پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي ۾ منفي رجحان رهيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 2088 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 78029 جي سطح تي بند ٿيو، 100 انڊيڪس 2164 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو. هفتيوار 100 انڊيڪس جي اونچائي 80085 هئي جڏهن ته گهٽ 77921 هئي.ڪاروباري مارڪيٽ ۾ هفتي دوران 1 ارب 68 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، شيئرز مارڪيٽ ۾ هفتي دوران 78 ارب 22 ڪروڙ رپين جو واپار ٿيو.ان کان علاوه ڪاروباري هفتي ۾ مارڪيٽ سرمائيداري 274 ارب رپيا گهٽجي 10388 ارب رپيا ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو