اسٽاڪ ۾ ٻاڙائي، هڪ مهيني ۾ 21 هزارپوائنٽس جي گهٽتائي

اسٽاڪ ۾ ٻاڙائي، هڪ مهيني ۾ 21 هزارپوائنٽس جي گهٽتائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر جي ڏينهن به سخت مندي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس ۾ مجموعي طور 5,478 پوائنٽن جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي۔

مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن پاران شيئرز جي وڪري جي وڌندڙ رجحان سبب سومر تي 100 انڊيڪس 167,691 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو۔

ياد رهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان لڳاتار مندي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي ۽ تجزيه نگارن موجب ان جا سبب جيو پوليٽيڪل صورتحال سان گڏ لسٽڊ ڪمپنين پاران اعلان ڪيل مالي نتيجن ۾ اميد کان گهٽ واڌ ۽ منافعو آهن۔ خاص طور تيل ۽ گيس شعبي جي ڪمپنين جا نتيجا اهم رهيا، ۽ انهن جي توقع کان گهٽ منافعي سبب مارڪيٽ تي نمايان منفي اثر پيو آهي۔

واضح رهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ مهيني کان گهٽ عرصي اندر پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچڻ کانپوءِ هاڻي تائين 10 سيڪڙو کان وڌيڪ پوائنٽس وڃائي چڪي آهي۔

هڪ مهينو اڳ، 23 جنوري 2026 تي، اسٽاڪ مارڪيٽ جو 100 انڊيڪس 189,166 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو هو، ۽ گذريل هڪ مهيني دوران 100 انڊيڪس ۾ مجموعي طور 21,475 پوائنٽن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

تجزيه نگار شهريار بٽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مندي بابت ڳالهائيندي چيو ته ان جو سڀ کان وڏو سبب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ آهي، جنهن ڪري گذريل ڪيترن ڏينهن کان مارڪيٽ جو رجحان منفي رهيو آهي۔

هن چيو ته هي ڇڪتاڻ ڪافي ڏينهن کان جاري آهي، جنهن سبب سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ گهٽتائي آئي آهي۔ شهريار موجب علائقي ۾ ڇڪتاڻ سبب پرڏيهي سيڙپڪار پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ مان نڪري رهيا آهن۔

هن ٻڌايو ته صرف جمعي جي ڏينهن پرڏيهي سيڙپڪارن ملڪي مارڪيٽ مان 19 ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ماليت جا شيئر وڪرو ڪيا هئا۔ شهريار چيو ته جيستائين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تڪرار جاري رهندو، تيستائين مارڪيٽ دٻاءُ جو شڪار رهندو۔

تجزيه نگار موجب هن وقت اهڙو ڪو به ٽرگر موجود ناهي جيڪو مارڪيٽ کي سهارو ڏئي سگهي۔

تجزيه نگار احسن محنتي چيو ته جيو پوليٽيڪل صورتحال ڪاروباري سرگرمين تي منفي اثر وڌو آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ وياج جي شرح ٻيهر وڌڻ جي امڪان به اسٽاڪ مارڪيٽ تي خراب اثر وڌو آهي۔

محنتي چيو ته اسٽيٽ بئنڪ پاران هڪ سالا بانڊ جي تازي نيلامي جا انگ اکر وياج جي شرح وڌڻ جي امڪان ڏيکارين ٿا۔

هن وڌيڪ چيو ته رمضان سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري مهانگائي جو منظرنامو متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ مرڪزي بئنڪ وياج جي شرح وڌائي سگهي ٿي، جيڪو مارڪيٽ لاءِ انتهائي منفي ثابت ٿيندو۔

پهنجو تبصرو موڪليو