ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن تي مثبت رجحان نظر اچي رهيو آهي.
پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس ٽريڊنگ دوران 2,507 پوائنٽس وڌي 152,523 تي پهچي ويو.100 انڊيڪس 150,284 جي گهٽ ۾ گهٽ سطح تي پهچي ويو، جڏهن ته 152,545 جي بلند ترين سطح تي پڻ پهچي ويو.
ياد رهي ته ڪالهه ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 150,016 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.










