ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ائيڪسچينج ۾ مالي سال 2026-27 جو مثبت آغاز ٿيو آهي.بازارِ حصص (اسٽاڪ مارڪيٽ) ۾ ڪاروبار دوران صبح جو 100 انڊيڪس ۾ 1164 پوائنٽس جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ انڊيڪس 1 لک 81 هزار 466 پوائنٽس تي پهچي ويو. اڄ هينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 1 لک 80 هزار 565 پوائنٽس جي گھٽ ۾ گھٽ سطح تائين آيو، جڏهن ته 1 لک 81 هزار 522 جي مٿانهين سطح تائين به ويو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 1 لک 80 هزار 301 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.










