اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ منفي رجحان

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٽريڊنگ جي شروعات ۾ سخت منفي رجحان ڏٺو ويو آهي.
ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي واپار جي شروعات ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيز گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. 3,000 پوائنٽن کان وڌيڪ گهٽتائي سان، پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ هنڈريڊ انڊيڪس 170,625 پوائنٽس تي اچي ويو آهي.
ياد رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي، انڊيڪس 173,939 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.
ٻئي طرف، ايران-آمريڪا ڳالهين جي ٻئي دور جي اعلان کان پوءِ ايشيائي مارڪيٽن ۾ تيزي نظر اچي رهي آهي.
نيوز ايجنسي موجب، هانگ ڪانگ جي هينگ سينگ انڊيڪس ۾ 0.62 سيڪڙو، چين جي شنگھائي ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ 0.59 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته جاپان جي نڪي انڊيڪس ۾ به 0.46 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، ان کان علاوه انڊونيشيا جي جڪارتا ڪمپوزٽ انڊيڪس ۾ 0.17 سيڪڙو واڌ ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو