اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پوليس ۽ عدالت تي هٿياربند جٿن جي تشدد وارن حملن جي جاچ لاءِ جي آئي ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو تفصيل مطابق جي آئي ٽي ٺاهڻ جو قدم گذريل ڏينهن حڪومت ۾ شامل پارٽين جي اجلاس جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيو ويو. هاءِ پاورڊ گڏيل جاچ ٽيم ٺاهڻ جي سمري تيار ڪئي وئي گهرو وزارت جي آئي ٽي جي جوڙجڪ جي سمري وزيراعظم کي اماڻيندي جي آئي ٽي ۾ گهرو وزارت، پوليس جا سينيئر آفيسر شامل هوندا جي آئي ٽي ۾ حساس ادارن جا آفيسر به شامل هوندا جي آئي ٽي ستن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ پيش ڪندي جي آئي ٽي جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ پوليس تي تشدد جي جاچ ڪندي پيرول بم حملن، بندش پيل تنظيمن جي تربيت ورتل عسڪريت پسندن بابت حقيقتون گڏ ڪيون وينديون جڊيشل ڪمپليڪس جو گيٽ ڀڃڻ، پٿراءُ ڪرڻ، موٽر سائيڪل ۽ ٻيون گاڏيون ساڙڻ جا سمورا ثبوت گڏ ڪيا ويندا ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه، سرڪار جي ڪم ۾ مداخلت ۽ تشدد جي سمورن پاسن تي غور ڪيو ويندو پوليس تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس شيل ڪنهن هلايا ڪنهن مهيا ڪيا جو به پتو لڳايو ويندو جي آئي ٽي رياستي ادارن جي خلاف عوام کي ڀڙڪائڻ تشدد تي ڀڙائڻ جي ذميوارن بابت ڄاڻ وٺندي جي آئي جي جي رپورٽ جي روشني ۾ حڪومت وڌيڪ قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪندي.










