اسلام آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي حملي پاڪ فوج جو ميجر قتل

اسلام آباد ۾ نامعلوم هٿياربندن جي حملي پاڪ فوج جو ميجر قتل

اسلام آباد (اياز مهر) وفاقي گادي واري شهر ۾ نامعلوم هٿياربند پاڪ فوج جي ميجر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ڪراچي ڪمپني ٿاڻي جي حد ۾ لاريب نالي مقتول ميجر جي نائن پارڪ ۾ ويٺو هو ته ٻه نامعلوم حمله آور آيا جن کيس گوليون هنيون. مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. مقتول ميجر جي اٽڪ ۾ پوسٽنگ هئي. سندس ڀاءُ زوهيب ٿاڻي تي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڪنهن کي به نامزد ناهي ڪيو ۽ نامعلوم ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. ڊي آءِ جي جاچ لاءِ ٻه ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته بظاهر هي ڦر جي واردات نٿي لڳي بلڪه ذاتي دشمني لڳي رهي آهي پر اصل خبر جاچ بعد پوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو