اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عدالتي ڪارروائي لائيو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران عدالتي ڪارروائي لائيو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عدالتي ڪارروائي لائيو هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت ۾ لائيو اسٽريمنگ جو سسٽم لڳائي ڇڏيو آهي، ٽرائل جي طور تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ڪارروائي اڄ کان محدود پيماني تي لائيو ڏيکاري ويندي ٽرائل جي ڪاميابي کانپوءِ ڪو به ماڻهو ويب سائيٽ تي لائيو عدالتي ڪارروائي ڏسي سگهندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لائيو اسٽريمنگ بابت هاءِ ڪورٽ جي صحافين کان تجويزون طلب ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسي ايشن کي مدد جي هدايت ڪئي آهي

پهنجو تبصرو موڪليو