اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪوئٽا، اسلام آباد يونائيٽيڊ کي 109 رنز تان شڪست ڏئي ٽيبل تي ٽاپ ٽيم طور اچي وئي آهي ۽ ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. اسلام آباد کي ٽاپ فور ۾ اچڻ لاءِ 10 مئي تي ڪراچي کان مقابلو کٽڻو پوندو. 19.3 اوورز ۾ اسلام آباد جي سڄي ٽيم 154 تي آئوٽ ٿي وئي. عماد وسيم 56، دوارشس 31 ۽ محمد شهزاد 24 رنز ٺاهي نمايان رهيا باقي اسلام آباد جو ڪو به بيٽر ڊبل فگر ۾ نه اچي سگهيو. پي ايس ايل جو 26 هون ميچ ڪوئٽا ۽ اسلام آباد جي ٽيمن ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويو. آغا سلمان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪوئٽا جي ٽيم 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 263 رنز ٺاهي پي ايس ايل جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو اسڪور ٺاهيو. ڏکڻ آفريقي رانديگر رائلي روس ۽ پنجاب جي پٺتي پيل ضلعي ليه سان تعلق رکندڙ حسن نواز سينچريون اسڪور ڪيون، پي ايس ايل جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي ته ساڳئي اننگ ۾ ٻن بيٽرز سينچريون اسڪور ڪيون. ٽي 20 جي تاريخ ۾ هي ڏهون ڀيرو آهي ته ڪنهن به ٻن بيٽرز هڪ ئي اننگ ۾ ٻه سينچريون ٺاهيون هجن. ڪوئٽا جي اننگ ۾ 15 ڇڪا ۽ 24 چوڪا شامل هئا. رائلي روسو 6 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 46 بالن تي 104 رنز ٺاهي عماد جي بال تي جيسن هولڊر هٿان ڪيچ ٿيو، جڏهن ته حسن نواز 45 بالن تي سينچري اسڪور ناٽ آئوٽ رهيو. ان کان اڳ فن ايلن 5 رنز ٺاهي عماد جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو ۽ سعود شڪيل 3 چوڪا هڻي 18 بالن تي 23 رنز ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي حيدر علي هٿان ڪيچ ٿيو. چيپمين 13 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو. محمد عامر پهرين اوور ۾ ٻنهي اوپنرز کي آئوٽ ڪيو وري ٻئي اوور ۾ سلمان آغا جي به وڪيٽ ورتي. هن 2 اوورز ۾ 6 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. وسيم جونئر ۽ ابرار ٻه ٻه ، سعود، فهيم ۽ خرم شهزاد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.










