اسلام آباد ايئرپورٽ جي نجڪاري، پنهنجا نوازي جو الزام

اسلام آباد ايئرپورٽ جي نجڪاري، پنهنجا نوازي جو الزام

ڪراچي (ويب ديسڪ) حڪومت مبينا طور تي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي پنهنجي پسند جي پرڏيهي ڪنسورشيم کي آئوٽ سورس ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ مقابلي واري ڪنسورشيم کي دير سان ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو بهانو بڻائي مقابلي کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. 7 بلين ڊالرن جي قرض جي نئين پروگرام جي حصي طور انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (IMF) جي سفارشن تحت پاڪستاني ايئرپورٽس جو ڪنٽرول نجي شعبي جي حوالي ڪرڻ جو هي پهريون منصوبو آهي. ايڪسپريس ٽربيون جي رپورٽ موجب دانش جنجوعه چيو ته سندس ڪنسورشيم کي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) منصوبي لاءِ ڄاڻي واڻي ٻولي کان باهر ڪيو ويو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته سندس ڪنسورشيم ٽيم ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڀرپاسي ۾ مقرر ٿيل ٽينڊر جمع ڪرائڻ واري ڪمري ۾ وقت تي پهتي ۽ ڪاغذ جمع ڪرايا. جيٽوڻيڪ هوائي اڏي تي حملي بعد سيڪورٽي سخت هئي ۽ اسين سڀني مرحلن کان گذري مقرر وقت 3 وڳي کان اڳ ڪاغذ جمع ڪرايا، اسانکي ٻئي ڪمري ۾ پيهاري ڪاغذ چيڪ ڪرڻ جو چيو ويو جنهن بعد چيائون ته وقت ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان 1.5 ارب روپين جي بئنڪ گارنٽي سان گڏ سڀ گهرجون پوريون ڪيون پر پنهنجا نوازي جو بدتر مثال قائم ڪندي شفافيت ۽ برابري وارن قاعدن قانون جي خلاف ورزي ڪندي اسانکي آئوٽ ڪيو ويو. هن چيو ته اسين عدالت جو در کڙڪائينداسين. ياد رهي ته حڪومت اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جا هوائي اڏا دبئي جي هڪ ڪمپني کي آئوٽ سورس ڪرڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو