غزه (ويب ڊيسڪ)غزه ۾ اسرائيلي فوج جي بربريت جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 37 فلسطيني شهيد ٿي ويا.عرب ميڊيا جي رپورٽ موجب بيت لحيه ۾ هڪ گهر تي حملي جي نتيجي ۾ 20 فلسطيني شهيد ٿي ويا، غزه شهر جي طافه پاڙي ۾ هڪ گهر تي حملي جي نتيجي ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي ديرالبله ۾ هڪ خيمي تي حملي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.سينٽرل عز زويده ۾ خيمن تي حملي ۾ 4 فلسطيني شهيد ٿي ويا، جڏهن ته خان يونس ۾ خيمن تي حملي ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا.رپورٽ موجب اسرائيلي فوج اتر غزا ۾ ڪمال اردوان اسپتال تي ٻيهر حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ نون ڄاول ٻار، مريض ۽ اسپتال جي عملي سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج غزه ۾ به ڊرون حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا.ان کان علاوه اسرائيلي آبادگارن ويسٽ بئنڪ ۾ ڪيترن ئي گهرن ۽ گاڏين کي ساڙي ڇڏيو.اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيلي آبادگارن جون ڪيتريون ئي تنظيمون دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل آهن.ان حوالي سان فلسطيني اختيارين جو چوڻ آهي ته اسرائيل روزاني جي بنياد تي 12 فلسطيني خاندانن کي بي گهر ڪري رهيو آهي.










