اسرائيلي فوج جو سيف زون تي حملو، 18 ڄڻا فوت

اسرائيلي فوج جو سيف زون تي حملو، 18 ڄڻا فوت

غزه(ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج خان يونس شهر ۾ خيمن تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 18 فلسطيني زنده سڙي ويا.الجزيره جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج خان يونس ۾ سيف زون قرار ڏنل علائقي تي بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ خيمن ۾ رهندڙ 18 فلسطيني شهيد ٿي ويا. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ موت بمباري کانپوءِ خيمن ۾ باهه لڳڻ ۽ جيئرو ساڙڻ سبب ٿيا.رپورٽ موجب اسرائيلي جهازن جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ تي به بمباري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اسرائيلي فوج بيت حنون مان بي گهر ٿيل فلسطينين کي ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ٻئي طرف فلسطيني باغين رفح ۾ اسرائيلي ٽينڪن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته اسرائيلي جهازن ڏکڻ لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي هوائي حملو ڪيو، جنهن ۾ حزب الله جو هڪ ويڙهاڪ مارجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو