اسرائيل ۽ اسلامي جهاد وچ ۾ جنگبندي، آمريڪا جو خير مقدم

اسرائيل ۽ اسلامي جهاد وچ ۾ جنگبندي، آمريڪا جو خير مقدم

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اسرائيل ۽ فلسطين جي مزاحمتي تنظيم اسلامي جهاد ۾ جنگ بندي تي اتفاق ٿي ويو.پاڪستاني وقت موجب ڌرين وچ ۾ جنگبندي تي عملدرآمد جاري آهي.اسلامي جهاد خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صهيوني فوج ٻيهر حملو ڪيو ته سخت جواب ڏنو ويندو.آمريڪي صدر جو بائيڊن ٻنهي ڌرين ۾ جنگ بندي جي آجيان ڪئي ۽ ثالثي ڪرڻ تي مصري صدر عبدالفتاح السيسي جو شڪريو ادا ڪيو.صدر جو بائيڊن اسرائيلي حملن ۾ شهرين جي موت جي جاچ جو مطالبو ڪندي شهرين جي موت کي سانحو قرار ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو