غزه (ويب ڊيسڪ)قابض فلسطيني شهر غزا ۾ الاهلي اسپتال تي ميزائل حملي کانپوءِ اسرائيل وڌيڪ اسپتالن کي بمباري جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ اسپتال کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.عرب ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ فلسطيني هلال احمر جي ترجمان نيال فرسخ جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج مسلسل غزه جي اسپتالن کي خالي ڪرائڻ لاءِ وارننگ ڏئي رهي آهي ۽ اسرائيلي جهاز غزه جي اسپتالن جي ويجهو بمباري ڪري رهيا آهن.هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڌماڪا اسپتالن کان 20 ميٽر جي مفاصلي تي ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف صحت جي عالمي اداري اسرائيلي حڪم تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڊبليو ايڇ او جي ترجمان جو چوڻ آهي ته غزه جي سمورن اسپتالن کي خالي ڪرائڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي.










