اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب پوليس پي ٽي آءِ جي ٽن گرفتار اڳواڻن شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي اڊيالا جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ جي ٽن اڳواڻن کي 3 ايم پي او تحت امن امان کي خطرو بڻائڻ تي گرفتار ڪيو هو.اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ فواد چوڌري کي سپريم ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي جي بي هائوس مان گرفتار ڪيو ويو.










