اسد قيصر جي مولانا سان ملاقات، حڪومتي رويو جمهوري ناهي

اسد قيصر جي مولانا سان ملاقات، حڪومتي رويو جمهوري ناهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جي يو آءِ جو ترجمان اسلم غوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسد قيصر ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات ٿي،حڪومت 26هين آئيني ترميم ۽ آئين سان خيانت ڪئي آهي حڪومت واعدو ٽوڙي ڇڏيو، حڪومت فاشزم جو جي انتها ڪري ڇڏي آهي،پي ٽي آءِ جي باني مولانا فضل الرحمان جي ڪردار کي ساراهيو آهي،جيل اندر اڳوڻي وزيراعظم سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اهو قابل مذمت آهي،حڪومت مخالف ڌر کي ڄاڻي واڻي اشتعال ڏئي رهي آهي،پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جو رويو ڪنهن به ريت جمهوري ناهي،مولانا صاحب ۽ اسان ڪالهه جعلي مينڊيٽ سان اسيمبلي مان پاس ڪيل قانون کي رد ڪريون ٿا،مولانا فضل الرحمان حڪومت کان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،مولانا فضل الرحمان به باني چيئرمين کي سهولتن کان محروم ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي،حڪومت پنهنجي پاڻ کي واڌ ڏني آهي ٻئي ڪنهن نه،پارليامينٽ ۾ ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر مخالف ڌر جي ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي جدوجهد ڪنداسين،صحافي سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ گڏجي وڙهنديون؟، اسلم غوريءَ چيوته جيڪي حالتون اڄ آهن، اهي کان اڳ نه هيون اسلم غوري چيو ته اسان اصل مسودي مان گهڻو ڪجهه ڪڍيو آهي، جنهن ۾ فوجي عدالتون شامل آهن، ڪجهه شقون حڪومت اڄ استعمال ڪيون آهن، صحافي سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو وڃي؟ پي ٽي آءِ باني کي ميرٽ تي آزاد ڪيو وڃي ته ان سان ملڻ گهرجي، ڪيس نه ٺهڻ گهرجن

پهنجو تبصرو موڪليو