مٺي (ن سنڌيار)تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ونگڙ جو برانچ پرائمري ۽ مڊل اسڪول تاجن پاڙو اپگريڊ ھئڻ باوجود نين ڀرتين ۾ به ماستر مقرر نه ٿي سگهيو استادن جي کوٽ سبب آس پاس جي ڳوٺن جا سوين شاگرد تعليم جي زيور کان محروم سنڌي ۽ مڊل ڪلاس جي 80 کان وڌيڪ شاگردن کي هڪ ئي استاد پڙھائڻ لڳو ڳوٺاڻن پاران سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري کان وڌيڪ ماستر مقرر ڪرائڻ جو مطالبو تفصيل موجب تعلقي ڏيپلي جي ڳوٺ ونگڙ جي برانچ پرائمري ۽ مڊل اسڪول تاجن پاڙو ۾ ماسترن جي کوٽ سبب سوين شاگر تعليم جهڙي زيورکان محروم رهجي ويا ٻنهي اسڪولن ۾ انگريزي ۽ سنڌي جي اسي کان مٿي شاگردن کي هڪ ئي استاد پڙھائي رهيو آھي جنهن سبب ڪيترن ئي شاگردن جو تعليمي نصاب مڪمل نه ٿيڻ سبب معصوم معمارن جو مستقبل داء تي لڳي رهيو آھي انهي حوالي سان ڳوٺاڻن محمد اسحاق نهڙيو وحيدنهڙيو تاج محمد نهڙيو عبدالرحمن نهڙيو ۽ ٻين سيڪريٽري تعليم سنڌ جناب اڪبر لغاري ۽ ٻين اعلي عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته اسان جي اسڪول تاجن پاڙو ونگڙ ۾ پهريان چار ماستر مقرر ٿيل هئا جيڪي پرائمري ۽ مڊل ٻنهي کي پڙھائيندا هئا سال اڳ ٻه ماستر رٽائر ٿيڻ ۽ هڪ ماستر جي بدلي ٿي وئي آھي هن وقت اسان جي ڳوٺ کان علاوه آس پاس جي ڳوٺن جا اسي کان مٿي شاگردن کي فقط هڪ ئي ماستر پڙھائي رهيو آھي ڪنهن به ڪلاس جا ڪورس مڪمل نه ٿيڻ ۽مستقبل جي اعلي تعليم ڱان محروم رکڻ جيڪو سراسر شاگردن سان ناانصافي آھي ڳوٺاڻن چيو ته مزڪوره مسئلي لاء اسان گذريل سال تعليم کاتي ضلعي ۽ تعلقي جي بالا آفيسرن وٽ درخواستون ڏنيون دانهيو پر هميشه اسان کي اهو چئي موٽايو ويو ته نين ڀرتين ۾ توهان کي ماستر ملي ويندا پر تازو نين ڀرتين ۾ به اسان جي اسڪول کي استادن کان محروم رکيو ويو آھي هنن دانهيدي چيو ته ڪجه مقامي تعليمي آفيسرن جي سياسي مداخلت سبب اسان جي ٻارن جي تعليم هٿ سان تباه ڪئي پئي وڃي اسان جو اسڪول پراڻي وقت کان اپگريڊ به ٿيل آھي شاگردن جي حاضري کان ويندي پڙھائي تائين اسان جو اسڪول علائقي جي ٻين اسڪولن جي ڀيٽ ۾ ريڪارڊ تي هو پر ٿرپارڪر ۾ آفيسرن جي بي ڌياني سبب تعليم جو ٻيڙو ٻڏي رهيو آھي اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي اسڪول تاجن پاڙو ونگڙ ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي شاگردن جو مستقبل تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي










