سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ)بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هن پاڻ کان پنج ڀيرا وڏي دشمن کي شڪست ڏني، دشمن اڄ به پنهنجا زخم چاٽي رهيو آهي.سيالڪوٽ ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي خواجه آصف چيو ته 6 سيپٽمبر تي تقريب ۾ دعوت ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، بنيان المرسوس ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مشعل راهه آهي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا ماڻهو دفاع سان لاڳاپيل هڪ نئين تاريخ رقم ڪرڻ تي پنهنجي فوج جا شڪرگذار آهن.خواجه آصف چيو ته اڄ وطن سان وابستگي جي تجديد جو ڏينهن آهي.










