اسان پنهنجي قومي مقصدن ۾ سوڀارا ٿينداسين؛ قادر مگسي

اسان پنهنجي قومي مقصدن ۾ سوڀارا ٿينداسين؛ قادر مگسي

ملير (شهزادو مستوئي) سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان قاسم آباد حيدرآباد مان نڪتل  ڪراچي سنڌ آھي امن مارچ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ ملير جي واپاري مرڪز ميمڻ ڳوٺ پهتو. ان کان ملير جي مختلف علائقن بچل ڳوٺ آدم هنڱورو ڳوٺ کوکراپار سومارڪنڊاڻي پهتو ته سوين ماڻھن قافلي جي شاندار آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي. جڏهن ته سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقن جي معززين ڊاڪٽر قادر مگسي کي اجرڪن جا تحفه پيش ڪيا. ان موقعي تي ڊاڪٽر قادر مگسي جلسي ۽ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي راڄڌاڻي ڪراچي جي ماءُ جو درجو رکندڙ قديم ڳوٺ ۽ شھر جو سنڌي وسندين سان حڪمرانن ملڪي تاريخ جي هنن 72 سالن ۾ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکي سمورين انساني حقن سهولتن ۽ ترقياتي ڪمن کان محروم رکيو آھي اڃان تائين ڪراچي ٻھراڙين کي مالڪاڻا حق نه ملي سگهيا آھن ۽ روز ڳوٺن کي ڊاھڻ ۽ سنڌي ماڻھن کي لڏائڻ جو سلسلو جاري آھي. هن چيو ته ڪراچي شھر کي دهشت جي علامت بڻائيندڙ ايم ڪيو ايم چاليھ سال اقتدار ۾ رهي ٻوري بند لاش ۽ گهٽيون رت سان رنگي ڇڏيون پر ظلم ۽ دهتشت کي بقا ناهي هن وقت انسانيت جو قاتل الطاف حسين توازن وڃائي ويٺو آھي. هن چيو ته اسان پنهنجي قومي مقصدن ۾ ضرور سوڀارا ٿينداسين سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي وجود قومي حقن ۽ ڪراچي سميت سمورن وڏن شھرن جي بقا لاءِ مسلسل ميدان عمل ۾ آھي. هن اعلان ڪيو ته هر ٻئي مهيني ڪراچي ايندس ٻھراڙين سميت ملير جي ڳوٺن جو دورو ڪري ماڻھن کي متحد ۽ منظم ڪنداسين  03 نومبر تي ڪراچي کي سنڌ جو حصو نه سمجهندڙ سنڌ دشمن ڌرين کي سنڌ جي لکين وارثن کي گڏ ڪري ڏيکارينداسين ته ڪراچي سنڌ آھي ۽ اسان ان جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻو ٿا. هن چيو ته عمران خان مان ملڪ جي نوجوانن ۽ پورهيت ماڻھن کي جيڪي اميدون هيون اهي ناڪامي ۽ مايوسي ۾ تبديل ٿي چڪيون آھن سنڌي ماڻھن لياري کان لاڙڪاڻي تائين چونڊن ۾ جنهن سياسي سڄاڳي جو ثبوت ڏنو آھي هو پيپلزپارٽي جي مسلسل اقتدار رهڻ ۽ سنڌ جا مسئلا حل نه ڪرڻ مان بيزار ٿي چڪا آھن. ان موقعي تي ڄام عبدالفتح سميجو، الطاف جسڪاڻي، گلزار سومرو، هوت خان لاڏائي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، ڊاڪٽر عاشق قمر ڪلهوڙو، جاويد کوسو، نور حسن سبزوئي،خير محمد مگسي ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو