ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي ترقي واري صوبائي وزير سيده شهلا رضا چيو آهي ته فائزه بلگرامي هڪ نوجوان اڀرندڙ ٽيلينٽ آهي جنهن جي حوصلا افزائي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته مونکي جڏهن هن نمائش جو دعوت نامو حاصل ٿيو ۽ مان نمائش جو موضوع ڏٺو ته جنهن ۾ انساني جسم ۽ فطرت جي ميلاپ ۽ احساسن جي تشريح ڪرڻي هئي ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ دلچسپيءَ جوڳي هئي ۽ اڄ جڏهن مون فائزه بلگرامي نالي هڪ اڀرندڙ نوجوان ٽيلنٽ جو فن ڏٺو ته داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيس. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري آرٽسٽ ۽ ٽيڪسٽائل ڊزائنر فائزه بلگرامي جي ٽن ڏينهن واري نمائش ۾ خاص مهمان طور شرڪت ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ مشهور شخصيتون ۽ ماڻهو پڻ موجود هئا. هن چيو ته ايتري ننڍي عمر ۾ هن ڇوڪريءَ ۾ ڪيترو ٽيلينٽ موجود آهي، هن ۾ ڪيترو وڏو آرٽسٽ ان جي اندر لڪيل آهي ته اها خوشي جو باعث آهي. هن چيو ته هڪ آرٽسٽ جي پنهنجي دنيا هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان اندازو به نٿا لڳائي سگهون ته آرٽسٽ دنيا کي ڪهڙي نظر سان ڏسندو آهي. هن چيو ته هن نمائش ۾ فائزه بلگرامي جنهن طريقي سان انساني ڦڦڙن، زبان، ڪنن ۽ ٻين عضون جو تجزيو ڪيو آهي ۽ انهن کي مختلف رنگن ۾ ڀريو آهي، اهو وڏو ڪمال آهي. هن چيو ته اهڙي طرح هن ڪپڙن ذريعي ٽيڪسٽائيل تي به ڪم ڪيو آهي جيڪو پڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته مان سندس والد کي سلام پيش ڪريان ٿي ته جنهن پنهنجي ڌيءَ جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ ان جي فن کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ هي نمائش منعقد ڪرائي. شهلا رضا چيو ته اسان کي اهڙن والدين جي سخت ضرورت آهي جيڪي پنهنجي نياڻين کي اڳتي وڌندڙ ۾ مدد ڪندا آهن. هن چيو ته فائزه بلگرامي جي فن کي ڏسندي مون کي يقين آهي ته تمام جلد هوءَ ملڪ جي نامياري آرٽسٽنن ۾ شامل ٿيندي. ان کان اڳ صوبائي وزير سيده شهلا رضا ڇهن ڏينهن واري نمائش جو ربن ڪٽي افتتاح ڪيو.










