نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گرين لينڊ جي وزيراعظم جينس فريڊرڪ نيلسن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڀيٽ وينزويلا سان نه ٿي ڪري سگهجي ۽ اميد آهي ته آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿيندا. وزيراعظم گرين لينڊ چيو ته اسان اهڙي نقطي تي نه پهتا آهيون جتي اسان سوچيون ٿا ته اسان جي ملڪ تي رات جو قبضو ڪري سگهجي ٿو، جينس فريڊرڪ نيلسن چيو ته هو واشنگٽن سان سڌو رابطو برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ آمريڪا سان سٺا لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهي ٿو، وزيراعظم گرين لينڊ وڌيڪ چيو ته اسان جو مقابلو وينزويلا سان نه ٿو ڪري سگهجي، اسان هڪ جمهوري سماج آهيون.










