اسان جنگ ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهيون: ايران

اسان جنگ ۽ ڳالهين لاءِ تيار آهيون: ايران

تهران)ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون.هڪ بيان ۾، ايراني پرڏيهي وزير چيو ته هفتي جي آخر ۾ تشدد ۾ اضافو ٿيو، دهشتگردن مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻايو، پر صورتحال هاڻي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران ۾ پرامن احتجاج پرتشدد احتجاجن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ٻن هفتن ۾ احتجاج دوران 350 مسجدن کي باهه ڏني وئي، پر ايراني فورسز پرتشدد احتجاجن دوران وڌ کان وڌ صبر جو مظاهرو ڪيو. مظاهرين جا مطالبا جائز هئا ۽ حڪومت انهن کي ٻڌي رهي هئي.ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ٽرمپ جي مداخلت جي ڳالهه مداخلت جو بهانو ٺاهڻ لاءِ هئي جنهن کان پوءِ احتجاج خوني ٿي ويا.هن وڌيڪ چيو ته اسان جنگ ۽ ڳالهين ٻنهي لاءِ تيار آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو