اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ، صحافين کي هراسان ڪرڻ بابت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو، قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ قائم 5 رڪني بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار رڳو چيف جسٽس وٽ آهي، چيف جسٽس کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ورتل سمورا پاڻمرادا نوٽيس خارج ڪجن ٿا، سپريم ڪورٽ صحافين بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي عدالت 2 رڪني بينچ جو 20 آگسٽ وارو پاڻمرادو نوٽيس خارج ڪيو، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي سفارش ڪري سگهجي ٿي، باقي ڪابه بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪنهن اٿارٽي کي انڪوائري جو حڪم نٿي ڏئي سگهي.










