ارجنٽائن ۾ پراسرار وبا پکڙجي وئي، سائنسدان پريشان

ارجنٽائن ۾ پراسرار وبا پکڙجي وئي، سائنسدان پريشان

بيونس ايئرس (ويب ڊيسڪ)ارجنٽائن جي شهرين کي پراسرار موذي مرض پکڙجي ويو آهي، هن وقت تائين 3 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ارجنٽائن جي صوبي ٽوڪيومين ۾ هڪ پراسرار بيماري زور وٺي وئي آهي، ان بيماري جون علامتون نمونيا جهڙيون آهن. هن وقت تائين 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 61 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.رپورٽ موجب هن بيماريءَ ۾ مبتلا مريض تيز بخار، الٽي ۽ دستن جي شڪايت ڪري رهيا آهن پر خدشي جي ڳالهه اها آهي ته نمونيا جي دوا ان مرض ۾ مبتلا مريضن ۾ گهڻي اثرائتو ثابت نه ٿي رهي آهي.تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته هن پراسرار مرض کان متاثر ۽ مارجي ويلن جي اڪثريت جو تعلق ارجنٽائن جي صوبي ٽوڪومان جي هڪ هيلٿ ڪلينڪ سان آهي. هن وقت ماهرن جو سمورو ڌيان هن ڪلينڪ تي آهي ڇو ته هن ڪلينڪ ۾ هن بيماريءَ سبب فوت ٿيل ٽي ڄڻا علاج هيٺ هئا.هن پراسرار مرض ۾ مبتلا ۽ فوت ٿيل ماڻهن جي به ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن جي رپورٽ نيگيٽو آئي.محقق اڃا تائين اهو طئي نه ڪري سگهيا آهن ته ڇا ٽڪومن جي بيماريءَ واري علائقي ۾ مليا ماحولياتي عنصر بيماري جي پکڙجڻ جو سبب ته نه آهن، ڇاڪاڻ ته بيماريءَ جا سبب ممڪن طور تي زهر سان لاڳاپيل هوندا.طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته مريضن ۾ علامتن کي ڏسندي شروعاتي طور تي اهو چئي سگهجي ٿو ته اها بيماري نمونيا جي قسم جي ٿي سگهي ٿي پر ان قسم جو ان کان اڳ ڪٿي به نه ڏٺو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو