اسلام آباد(بيورو)وفاقي وزير ۽ پ پ ترجمان شازيه مري چيو آهي ته عمران خان اقتدار ۾ رهي ها ته ملڪ ڊفالٽ ڪري ها، ادارا غير جانبدار هجن ها ته ملڪ بچي وڃي ها. هڪ بيان ۾ شازيه مري چيو ته عمران خان جي نااهلي جو خاتمو قوم ڀوڳي رهي آهي. عمران خان تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اڳوڻو وزيراعظم آئيني ۾ ڏسي پاڻ کان پڇي ته غدار ڪير آهي؟ وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هندستانين ۽ يهودين کان پئسا وٺڻ غداري کانسواءِ ڪجهه ناهي.










