اختر حسين جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان مستعفي

اختر حسين جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان مستعفي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي ايڊووڪيٽ اختر حسين، جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.سينئر ايڊووڪيٽ اختر حسين پنهنجي خط ۾ لکيو ته پاڪستان بار ڪائونسل مون کي 1973 جي آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 175 (A) (2) (vi) تحت 3 ڀيرا جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر نامزد ڪيو. مان پنهنجي بهترين صلاحيتن سان پنهنجا فرض نڀائيندو رهيس.اختر حسين لکيو ته تازو عدالتي مقررين جي تڪرار سبب مان وڌيڪ ڪم جاري نٿو رکي سگهان. مان جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، پنهنجي استعيفيٰ جي ڪاپي پاڪستان بار ڪائونسل کي موڪليان ٿو ته جيئن آئين موجب منهنجي جاءِ تي نئون نامزد ميمبر مقرر ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو