واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ واري کاتي سميت سمورن سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته ’اجنبي مخلوق‘ بابت سموري ڳجهي معلومات عام ڪئي وڃي. هن ٽرٿ سوشل ميديا پليٽ فارم تي 19 فيبروري تي اهڙو اعلان ڪيو آهي. اوهان عام طور ٻڌو هوندو ته هوا ۾ جهاز ذريعي يا ٻين اڏامندڙ ذريعن وسيلي عجيب شئي اڏامندي نظر آئي. جنهن بابت معلومات ڳجهي رکي ويندي هئي. ناسا پاران به ماضي ۾ اڪثر چيو ويندو آهي ته مريخ يا ٻين سيارن تي موڪليل خلائي تحقيقي مشنز سان ڪميونيڪيشن دوران خلائي مخلوق سندن سگنلز جام ڪري ٿي يا ڪميونيڪيشن رڪارڊ ڪري ٿي. خلائي مخلوق بابت پينٽاگون ۽ ناسا وٽ ڪافي دلچسپ معلومات موجود آهي.










