اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ اڳوڻي چيف جسٽس ۽ سندس پٽ کي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار، سندس پٽ ۽ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ حاصل ڪندڙ شخص کي طلب ڪندي.ڪميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي ٿيندو ۽ ان حوالي سان اسلم ڀوتاڻي چيو ته ثاقب نثار کي پنهنجي دفاع جو پورو موقعو ڏنو ويندو.پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ خصوصي ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر اسلم ڀوتاڻي چيو ته ڪميٽي جو پهريون اجلاس 9 مئي تي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.










