آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو

آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو وياج جي شرح برقرار رکڻ جو فيصلو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)مارچ 2022 کان وٺي پهريون ڀيرو، آمريڪا سود جي شرح کي تبديل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب وياج جي شرح 5.25 سيڪڙو تي برقرار رکي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب مرڪزي بئنڪ جي 2 ڏينهن واري اجلاس کانپوءِ هن ڀيري وياج جي شرح ۾ واڌ نه ڪئي وئي.رپورٽن مطابق آمريڪا جي مرڪزي بئنڪ مستقبل ۾ شرح سود گهٽ ۾ گهٽ 2 ڀيرا وڌڻ جو اشارو ڏنو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب هن سال وياج جي شرح ۾ ٻه ڀيرا 25 بيس پوائنٽس جو اضافو ٿي سگهي ٿو.ياد رهي ته مارچ 2022 کان هن وقت تائين آمريڪا ۾ سود جي شرح 10 ڀيرا وڌي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو