آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪندو

آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪندو

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ چيو آهي ته هو آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جي وچ ۾ ڳالهين جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ڏکڻ ڪوريا جي صدر لي جي ميونگ چيو ته هو ڪوريائي جزيره نما تي امن بحال ڪرڻ ۾ مدد لاءِ اتر ڪوريا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان بند ٿيل ڳالهين جي بحالي جي سختي سان حمايت ڪندو.نئين سال جي شروعات ۾ پنهنجي تقرير ۾، ڏکڻ ڪوريا جي صدر اتر ڪوريا بابت آمريڪي صدر ٽرمپ جي خيالن جو ذڪر ڪندي چيو ته پوئين ملاقات ۾، آمريڪي صدر اتر ڪوريا جي اڳواڻ سان ملاقات جي خواهش جو اظهار ڪيو هو.هن وڌيڪ چيو ته ملاقات جي هن خواهش کي اتر ڪوريا رد ڪري ڇڏيو هو.صدر لي جي ميونگ چيو ته سندس ملڪ جنگي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ سفارتڪاري جي حمايت ڪري ٿو.هن وڌيڪ چيو ته هو ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي ماحول کي پائيدار ترقي سان تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو