آمريڪا کانپوءِ نيڌرلينڊ به يوڪرين کي پيٽريوٽ ميزائل سسٽم پهچائڻ جو اعلان

آمريڪا کانپوءِ نيڌرلينڊ به يوڪرين کي پيٽريوٽ ميزائل سسٽم پهچائڻ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا کانپوءِ هالينڊ به روس کي منهن ڏيڻ لاءِ يوڪرين کي پيٽريوٽ ميزائل سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڊچ ميڊيا موجب وزيراعظم مارڪ روٿ يوڪرين کي پيٽريوٽ ميزائل دفاعي نظام ڏيڻ جو چيو آهي. ڊچ وزيراعظم واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر بائيڊن سان ملاقات ۾ يوڪرين کي پيٽريوٽ ميزائل سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ان کان اڳ آمريڪا يوڪرين کي جديد پيٽريوٽ ميزائل سسٽم ڏيڻ جو به چيو آهي. ياد رهي ته يوڪرين ۾ روس جي جارحيت خلاف آمريڪا ۽ يورپي ملڪ يوڪرين کي فوجي امداد فراهم ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو