مشي گن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس جي ريپبليڪن ميمبر ايليسا سلاٽڪن (Elisa Slot kin) چيو آهي ته هو هوءَ 100 ڪانگريس ميمبرن کان پرڏيهي وزير ٽوني بلنڪن کي خط رکرائي رهي آهي ته هو پاڪستان ۾ جمهوري آزادين لاءِ دٻاءُ وجهي.مشي گن ۾ پاڪستاني ڊاڪٽرن کي خطاب ڪندي ايليسا سلاٽڪن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري آزادي هجي، ڪوشش آهي ته پاڪستان ۾ اظهارِ راءِ ۽ گڏ ٿيڻ جي آزادي هجي، پاڪستان ۾ پنهنجي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جي آزادي هجڻ گھرجي.هن چيو ته پاڪستاني آمريڪن ڪميونٽي مون لاءِ گھڻي اهم آهي، پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سال جمهوريت لاءِ سخت رهيا آهن، جيڪي جمهوري آزاديون آمريڪين کي حاصل آهن پاڪستانين کي به ملڻ گھرجن، پاڪستان ۾ اها آزادي هجي ته ماڻهو ٻڌائين ته حڪومت ڪيئن قيادت ڪري.سندس چوڻ هو ته 100 ڪانگريس ميمبرن کان آمريڪي پرڏيهي وزير کي خط لکرائي رهيا آهيون، ٽوني بلنڪن پاڪستان ۾ جمهوري قدرن لاءِ دٻاءُ وجهي.










