واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا شام جي عرب ليگ ۾ ٻيهر شموليت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو شام جي ٻيهر عرب ليگ ۾ شموليت جي حق ۾ ناهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته وحشياڻي گهرو ويڙهه کانپوءِ صدر بشار الاسد لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي لائق ناهي، بشار الاسد حڪومت سان لاڳاپا معمول تي نه آڻينداسين.آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب آمريڪا شام سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ ۾ پنهنجي اتحادين ۽ ڀائيوارن جي مدد نه ٿو ڪري. آمريڪا عرب ڀائيوارن سان گڏ شام ۾ استحڪام ۽ ڊي-ريڊيڪلائيزيشن جي حمايت جاري رکندو.










